اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد ??اقان عباسي تعليم کي ترقي جو راز قرار ڏيندي چيو آهي ته علم حاصل ڪرڻ جو سفر سدائين جاري رهڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راشد آباد سٽي آف ايجوڪيشن اينڊ هيلٿ ڪيئر جي شاگردن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پ??ڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان پڻ موجود هو. راشد آباد سٽي آف ايجوڪيشن اينڊ ڪيئر سنڌ ۾ ٽنڊو الهيار جي ويجهو موجود آهي، هي هڪ ڊگهي مدي وارو فلاحي منصوبو ??هي جيڪو پ??ڪ فضائيه جي رٽائرڊ آفيسرن شروع ڪيو آهي، ان تحت ٻارن جي لاءِ ڪيترائي اسڪول، اسپتالون، رهائشي ۽ تفريحي سهولتون اهڙن ٻارن جي لاءِ فراهم ڪيون ويون آهن جن کي ڌيان جي ضرورت آهي ۽ انهن جو تعلق معاشري جي گهٽ مراعت رکندڙ طبقي سان آهي.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری