اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير غلام سرور خان ??يو آهي ته وفاقي ڪابينا ڪراچي ۾ ايل اين جي ٽرمينلز جي معاهدن تي لاڳاپيل ڌرين سان نئين سري سان ??الهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڳين حڪومت جي دور ۾ ايل اين جي ٽرمينلز جي تعمير ۽ ايل اين جي درآمد جي معاهدن جي جاچ ٿي رهي آهي، پيٽروليم واري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ ايل اين جي ٽرمينلز جي معاملي تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ٽرمينلز جي معاهدي ۾ طئي ٿيندڙ منافعي جو دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، ڌرين سان ??الهه نه ٺهي ته پوءِ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي، ملڪ ۾ شفاف نظام هوندو ته سرمائيڪار ايندا، تازيون ضمني چونڊون مڪمل طور تي منصفاڻيون، آزاداڻيون ۽ غير جانبدارڻيون هيون، گذريل حڪومتن وانگر موجوده حڪوم?? ضمني چونڊن تي قطئي طور تي اثر انداز نه ٿئي، هن اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد حسين سان پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
وفاقي ڪابينا ايل اين جي ٽرمينلز تي ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي: غلام سرور خان
مضمون کا ماخذ : راکی