اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پاڪستان باصلاحيت آهي جيڪڏهن اسان پنهنجي پيرن تي بيهي رهياسين ته ملڪ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويندو، اها حقيقت آهي ته پاڪست??ن جي سلامتي جي خلاف ٻاهريون سازشون ڪيون ويون آهن، اسان پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا جڏهن ته عمران خان ان کي پٺتي طرف ڌڪي رهيو آهي، م??ڪ مان غرب?? ۽ ??يروزگاري جو خاتمو اس??ن جي گڏيل ذميواري آهي، الزامن جي بنياد تي نه پر ڪارڪردگي جي بنياد تي سياست ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ کي ترقي طرف وٺي وڃي رهيو آهي جڏهن ته عمران خان رستي ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هاڻي اهڙي صورتحال بڻجي وئي آهي جو سڀ لوزر آهن ونر ڪو نه آهي. هن چيو ته 70 سالن کان م??ڪ مان غرب?? ۽ ??يروزگاري جو خاتمو نه ٿي سگهيو، پاڪستان ۾ اهو طئي ٿيڻ گهرجي ته ووٽ ذريعي اينداسين ۽ ووٽ ذريعي وينداسين، م??ڪ مان غرب?? ۽ ??يروزگاري جو خاتمو اس??ن جي گڏيل ذميواري آهي، هڪ ٻئي کي ڦورو ۽ ڌاڙيل چئي ڪيرائڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن پنهنجي پيرن تي بيهي رهياسين ته ملڪ اڳتي نڪري ويندو: خواجه سعد رفيق
مضمون کا ماخذ : بونانزا