نيويارڪ – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او ??ي آءِ پي) جي نئين مقرر ٿيل سربراهه ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان نيويارڪ ۾ عالمي اداري ۾ پاڪستان مشن ۾ ملاق??ت ڪئي. يو اين ايم او ??ي آءِ پي جي سربراهه پنهنجي نئين ذميواري سنڀالڻ لاءِ پاڪستان روانگي کان اڳ پاڪستاني نمائن??ي سان ملاق??ت ڪئي ۽ پنهنجي گروپ جي مينڊيٽ سان گڏو گڏ ٻين لاجسٽڪ ۽ آ??ريشنل تفصيلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يو اين ايم او ??ي آءِ پي گڏيل قومن جي قديم ترين مشنز مان هڪ آهي جيڪو جنوري 1949ع ۾ رياست ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو ه??. ر??ولپنڊي ۾ قائم اهو گروپ 44 فوجي مبصرن ۽ 75 عالمي سويلين اهلڪارن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم يو اين ايم او ??ي آءِ پي جي سربراهه طور مقرري تي ميڪسيڪو سان تعلق رکندڙ ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي نئين مقرر ٿيل سربراهه پاران پاڪستاني سفير منير اڪرم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج