گڏيل قومون-19 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ آدري سرحد گيٽ کي 3 مهينن لاءِ کولڻ وا??ي فيصلي جي آ??يا?? ڪئي آهي، ته جيئن ملڪ ۾ جنگ متاثر ماڻهن لاءِ انساني امداد جي فراهمي جي اجازت ڏئي سگهجي. پرڏيهي خابرو اداري مُوجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ لکت واري بي??ن ۾ چيو آهي ته انتونيو گوتريش سوڊان جي اختيارين جي ان فيصلي جي آ??يا?? ??ند?? انساني امداد تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ ٺوس ۽ جٽادار قدمن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انساني امدادي تنظيمن کي دارفر ۽ سڄي ملڪ ۾ شهرين تائين محفوظ ۽ بنا رنڊڪ جي پهچڻ گهرجي. بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومون لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، ته جيئن سوڊان جي عوام جي اهنجن کي گهٽائي سگهجي ۽ تڪرار جي خاتمي ۾ مدد ملي سگهي. سوڊان جي حڪومت 25 جولاءِ تي اعلان ڪيو هو ته آدري سرحد گيٽ کي ان بنياد تي بند ڪيو ويو هو ته ان کي قوت الحرڪ هٿيارن فراهم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو هو. 15 آگسٽ تي سوڊان چاڊ سان آدري سرحد گيٽ کي 3 مهينن لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ملڪ ۾ جنگ کان متاثر ماڻهن تائين امداد پهچائڻ جي اجازت ڏئي سگهجي.
گڏيل قومن پاران سوڊان ۽ چاڊ وچ ۾ سرحد کولڻ جي فيصلي جي آجيان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری