عمان – 26 مارچ (اي پي پي) گڏيل قو??ن جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قو??ن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو. سيڪريٽ??ي جنرل انروا تي لڳاتار اسرائيلي الزامن ۽ حملن کان پوءِ ان ادا??ي جي حوالي سان اردن جي گادي واري هنڌ عمان ۾ پريس ڪانفرنس ۾ انهن ??لڪ?? کان مطالبو ڪيو جن انروا جي فنڊنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان پوئتي هٽي وڃن. هن عمان ۾ واقع وحدت مهاجر ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو. عالمي ادا??ي جي سربراهه چيو ته انروا نهايت ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته امدادي اداري خلاف الزامن جي جاچ جاري آهي ۽ انروا جي مالي سهڪار بند ڪرڻ وارن ڪجهه ??لڪ?? پنهنجو فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪجهه ملڪ جاچ نتيجن جا منتظر آهن. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته انروا کي ٻيهر مالي سهڪار فراهم ڪرڻ شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ايجنسي غزه ۾ شهرين جي زندگي مهيا ڪرڻ جو هڪ اهم رستو آهي ۽ اسان ان کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکنداسين.
انروا سان سهڪار جاري رکيو ويندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی