گڏيل قومون- 22 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن چي?? آهي ته اسرائيل جي فوجي ڪاررواين جي نتيجي ۾ غزه ۾ مارجي ويلن جي شرح يوڪ??ين ۽ عراق جي جنگ ۾ مجموعي طور تي فوتين جي شرح کان وڌي چڪي آهي. الجزيره مطابق والاريل فلسطين جي علائقن بابت گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي فرانسسڪا الباني ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چي?? آهي ته حماس جي 7 آڪٽوبر جي حملن بعد کان اسرائيلي فوج جي ڪارروائي ۾ غزه جي 1.1 سيڪڙو آبادي مارجي چڪي آهي جڏهن ته يوڪ??ين ۽ عراق جي جنگ ۾ انهن مڪن اندر ترتيبوار 0.2 سيڪڙو ۽ 0.8 سيڪڙو آبادي مارجي چڪي آهي. فرانسسڪا الباني جو و??يڪ چوڻ هو ته تباهي جي لحاظ کان هن صدي ۾ ڪا به جنگ غزه جي جنگ جي ويجهي تائين ناهي پهتي. ڊسمبر ۾ گڏيل قومن جي جي انساني حقن جي آفيس فيبروري 2022ع ۾ روس جي فوجي ڪارروائي شروع ٿيڻ بعد کان يوڪ??ين ۾ رڳو 10 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي.
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena