واشنگٽن_28 ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪا يوڪرين لاءِ 250 مل???? ڊالرن جي اضافي فوجي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلن??ن اعلان ڪيو آهي ته يوڪرين کي اضافي 250 مل???? ڊالر جي فوجي امداد يوڪرين لاءِ امداد ۾ اضافي جي هدايت موجب آهي، هن وڌيڪ چيو ته پيڪيج ۾ هوائي دفاع لاءِ استعمال ٿيندڙ گولا بارود، راڪٽ،توپ خاني جا 155 ايم ايم ۽ 105 ايم ايم گولا ۽ ننڍن هٿيارن لاءِ گولا بارود جا هڪ ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ جا رائونڊ شامل آهن، آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي آمريڪي ڪانگريس تي زو?? ڀريو ته يوڪرين لاءِ امداد جي جلد منظوري ڏيڻ لاءِ قدم کڻي ته جئين يوڪرين کي پنهنجي دفاع ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد مل?? ۽ آمريڪي قومي سلامتي وارن قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.آمريڪا جي دفاع واري کاتي پينٽاگون جاري ڪيل بيان ۾ ڪانگريس تي زو?? ڀريو آهي ته هو جلد کان جلد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪاروائي ڪري ته يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت جاري رهي سگهندي.واضع رهي ته امريڪي صد?? جوبائيڊن کي آڪٽوبر ۾ ڪانگريس مان يوڪرين لاءِ 60 مل???? ڊالر امدادي پيڪيج جي منظوري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي مل?? هئي.
آمريڪا جو يوڪرين لاءِ 250 ملين ڊالرن جي اضافي فوجي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ