مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي سربراهه شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف هلندڙ سال حج سيزن دوران سي??يورٽي ۽ فوجي عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. عرب نيوز موجب مڪي ۾ حج سي??يورٽي ڪميٽي ۽ حج سي??يورٽي فورسز جي اڳواڻن سان ملاقات دوران شهزاد عبدلعزيز چيو ته سي??يورٽي پلان جا لاڳو ڪيل مرحلا ڪامياب رهيا آهن ۽ حج پانڌيئڙن کي مڪي تائين پهچڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پيو آهي. هن وزارت جي سي??يورٽي عملدارن ۽ نيشنل گارڊ واري وزارت، دفاع واري وزارت، جنرل انٽيليجنس پريذيڊنسي ۽ پريذيڊنسي آف اسٽيٽ سي??يورٽي جي فوجي عملدارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته سي??يورٽي جون ڪوششون ان وقت تائين جاري رهنديون جيستائين حج پانڌيئڙا آساني ۽ سڪون سان پنهنجون رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وطن واپس نٿا هليا وڃن. پبلڪ سي??يورٽي جي ڊائريڪٽر ۽ حج سي??يورٽي ڪميٽي جي سربراهه جنرل محمد البسامي حج سي??يورٽي پلان جي نتيجن جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن حج سيزن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن سي??يورٽي ۽ عسڪري عملدار سي??يورٽي پلان جي باقي مرحلن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهن. اهڙي طرح حاجي سڳورن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو.
حج سيزن دوران سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن: سعودي گهرو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ