انقره، دمشق- 6 فيبروري(اي پي پي) ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جي زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 500 ٿي ويو آهي. برطانوي خابرو اداري ??طا??ق ترڪ نائب صدر چيو آهي ته ملڪ ۾ زلزلي سبب هاڻي تائين 284 فوتگين جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 2323 ڄڻ?? ز??مي ٿيا آهن. ٻئي پاسي شام جي صحت وزارت جو چوڻ آهي ته هاڻي تائين زلزلي سبب 237 ڄڻ?? فوت ۽ 600 کان وڌيڪ ز??مي ٿيا آهن. ترڪ حڪومت هنگامي حالتون لاڳو ڪندي عالمي امداد جي اپيل ڪئي آهي. ٻنهي م??ڪن ۾ زلزلي جي شديد تباهي بعد امدادي سرگرميون جاري آهن. واضح رهي ته زلزلي جي لوڏن سان ترڪيه جي گهٽ ۾ گهٽ 10 شهرن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڪري تباه ٿيون آهن ۽ ٻنهي م??ڪن ۾ ڀنجهو هيٺ دٻيل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. ترڪ حڪومت هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو موبائيل فون استعمال نه ڪن ته جئين امدادي ڪارڪنن کي رابطن ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن.
ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 شدت جو زلزلو، 500 ڄڻا فوت، هزارين زخمي
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا