اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف قوم کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته عيد الاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان?? خاص طور تي ڪشميري عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ال??ه تعاليٰ جو شڪر آهي جو هن هڪ دفعو ٻيهر هي مبا??ڪ موقعو عطا فرمايو. آئون دعا ڪريان ٿو ته توهان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جي خوشي جا موقعا باربار ايندا رهن. وزيراعظم پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته عيد الاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي اطاعت ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي رب جي رضا کي تس??يم ڪرڻ ??ي يادگار آهي. خانواده ابراهيم پنهنجي پرودگار جي خوشنودي جي لاءِ دنيا جي هر رشتي کي قربان ڪيو ۽ هر موقعي تي ال??ه تعاليٰ جي رضا کي ترجيح ڏني.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن