اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل جمهوريت ۾ آهي ۽ اسان جمهوري نظام جي ذريعي سي??سي نظام جي تسلسل، بهتر حڪمراني کي حاصل ڪرڻ ۽ معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهون ٿا. هن اها ڳالهه ڪنوينشن سينٽر ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي ستين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. قائداعظم يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽ?? جاويد اشرف به ان موقعي تي مو??ود هو. صدر ان امر تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته معاشري جا سڀئي طبقا ملڪي ترقي ۽ خوشحالي کي حاصل ڪرڻ جي جس??جو ۾ متحد آهن ۽ ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي. صدر نوجوانن تي زور ڏنو ته هو جديد ۽ سائنسي تعليم کي حاصل ڪرڻ تي پنهنجو ڌيان ڏين.
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل