گڏيل قومون-09 ??سم??ر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته شام جو مستقبل شهري طئي ڪندا. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش شام جي شهرين جي حقن جو تحفظ ڪندي ان حساس وقت ۾ پرسڪون رهڻ ۽ تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل جو ورجاءُ ڪندي چيو ته شام جي مستقبل جو فيصلو شامين جو معاملو آهي ۽ نون ادارن ۾ منظم سياسي منتقلي کي يقيني ??ڻائڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي. هن چيو ته بين ا??اقوامي قانون مطابق سمورن معاملن ۾ سفارتي ۽ قونصلر احاطي ۽ عملي جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسانکي ان ڳالهه کي يقيني ??ڻائڻ لاءِ بين ا??اقوامي برادري جي حمايت جي ضرورت هوندي ته ڪا به سياسي منتقلي جامع ??جي ۽ اها شام جي ??وا?? جي جائز خواهشن کي پورو ڪري. شام جي خودمختياري، اتحاد، آزادي ۽ علائقائي سالميت کي بحال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان شام جي شهرين کي هڪ اهڙي ملڪ جي تعمير ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون جتي مفاهمت، انصاف، آزادي ۽ خوشحالي سڀني لاءِ گڏيل حقيقتون هجن.
شام جو مستقبل شهري طئي ڪندا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان