رياض-19 نومبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهز??ده فيصل بن فرحان چيو آهي ته اسرائيل جارحيت خطي کي وسيع جنگ طرف ڌڪي رهي آهي. العربيه اردو موجب سعودي پرڏيهي وزير شهز??ده فيصل بن فرحان چيو ته غزه ۽ لبنان ۾ جاري اسرائيلي جارحيت انساني فسادن کي جنم ڏنو آهي ۽ جارحيت خطي کي وسيع جنگ طرف ڌڪي رهي آهي، قان??ن ۽ عالمي ادرن جي ساک تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن جو اهو موقف آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ فوري بند ڪئي وڃي، بغير ڪنهن ??ڪاوٽ جي انساني امداد کي پهچڻ ڏنو وڃي. يرغمالين کي آزادڪيو وُڃي ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد ??ي مستقل امن جي سنجيده پاسداري کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته دنيا کي هن وقت ڇڪتاڻ، فوجي تڪرار ۽ انساني بحران درپيش آهي، اهي شيون ترقي جي هدف کي يقيني بنائڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں