واشنگٽن- 02 نومبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪس??ان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته پاڪس??ان معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ معاشي استحڪام ۽ سماج?? ترقي، مالياتي نظم ۽ ضبط، پرڏيهي دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ ۽ ڪاروباري ماحول ۾ بهتري تي ڌيان ڏيندڙ اداره جاتي سڌارن کي مضبوط طريقي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن گذريل ڏينهن آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ اٽلانٽڪ ڪائونسل ۾ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ۾ چيو ته اسان ڪيترن ئي تباهين ۽ مڪمل اونڌاهين جي اڳڪٿين کي پوئتي ڇڏي ڏنو ۽ اسان هن ڀيري به ايئن ئي ڪنداسين. ڪانفرنس آن ريزيليئنس اينڊ ريفارم ان پاڪس??ان جي م??ضوع تي ڪانفرنس جانزها پڪنز اسڪول آف ايڊوانسڊ انٽرنيشنل اسٽيڊيز جي سهڪار سان منعقد ٿي. پاڪستاني سفير ان کي خطاب ۾ چيو ته پاڪس??ان پنج شعبن آءِ ٽي، توانائي، زراعت، کاڻين ۽ دفاعي پيداوار ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جا نوان دروازا کوليا آهن. هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جوڙي وئي آهي جيڪا پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ ون وڊو طور ڪم ڪندي آهي ته جيئن منصوبن جي تيز رفتار منظوري،پراجيڪٽ جي تيز رفتار ترقي ۽ عملدرآمد جي نگراني ڪري سگهجي. پاڪستاني سفير چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قيام جو مقصد معاش?? ترقي کي هٿي ڏيڻ، پاڪستاني معيشت کي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن سان جامع ڪرڻ ۽ پاليسين جي تسلسل جي ضمانت ڏي ٿو، ڪانفرنس ۾ پرنسپل ڊپٽي ??سس??نٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ الزبٿ هورسٽ، آمريڪي عهديدارن، تعليمي ماهرن، اسڪالرن ۽ بزنس ليڊرز شرڪت ڪئي. خطاب جي شروعات ۾ مسعود خان پاڪ – آمريڪا لاڳاپن کي برقرار رکڻ تي پرنسپل ڊپٽي ??سس??نٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ الزبٿ هورسٽ کي خراج تحسين پيش ڪيو، هن چيو ته الزبٿ هورسٽ ٻنهي م??ڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو سبب آهي، هن چيو ته پاڪس??ان ۽ آمريڪا سيڪيورٽي لاڳاپن کي هموار ڪرڻ ۽ اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ ثقافتي حصيداري قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي مسلسل مضبوط رکيو آهي. هن چيو ته اسان ان تبديلي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ آمريڪي قيادت جا ٿورائتا آهيون، هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ماحولياتي تبديلي، صحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاع، دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي روڪٿام تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون، تنهن ڪري هو هي چئي ٿو ته هي وقت آمريڪي ڪاروباري ادارن لاءِ پاڪس??ان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پاڪستاني واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ آمريڪي م??ڊين تائين پهچ لاءِ هڪ بهترين وقت آهي. هن چيو ته عالمي بئنڪ جي مدد سان پاڪس??ان پنهنجي ٽيڪس نظام کي وسيع بنياد ۽ برابري وارو بڻائي رهيو آهي ته جيئن انسان?? ترقي، بنيادي ڍانچي ج?? ترقي ۽ ماحولياتي تبديلي کي م??هن ڏيڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪري سگهجي ۽ جامع سڌارن جو مقصد ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ، ملڪيتن جا حق لاڳو ڪرڻ، ادائيگي جي مستحڪم دور کي يقيني بڻائڻ ۽ سرمائي جي پيداوار کي تيز ڪرڻ آهي. اسان ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائينداسين. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪس??ان ڪيترن ئي چئلينجن مان گذري رهيو اهي ۽ دنيا کي درپيش بحرانن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل اثرن کي م??هن ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪس??ان جمهوريت جي رستي جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هو هر قيمت تي ان رستي تي پنهنجو سفر جاري رکندو اسان جلد نيون چونڊون ڪرائينداسين ۽ سياسي استحڪام طرف اڳڀرائي جاري رکنداسين. سفير ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته پاڪس??ان پهرين ئي غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪري رهيو آهي، چين پاڪس??ان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو پهريون مرحلو 2019ع ۾ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ارلي هارويسٽ منصوبن جي تڪميل سان پڄاڻي تي پهتو، سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ صنعت?? ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، زراعت، آءِ ٽي، پيشيوراڻ?? تربيت، تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ غربت جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويو آهي جيڪو 37 بلين ڊالر ماليت جي ڪاٿي سان جاري آهي. هن چيو ته اسان ٽريڪ تي آهيون، هن چيو ته ڪينيڊين فرم بيرڪ گولڊ پاڪس??ان جي ريڪوڊڪ منصوبي ۾ 7 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، بيرڪ گولڊ ۽ سعودي ويلٿ فنڊ- پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ به ان سيڙپڪاري ۾ حصيداري لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي، سعودي عرب ريفائنري جي م??صوبن ۾ 14 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، متحده عرب امارات هوائي اڏي جي انتظامن جي حوالي سان سيڙپڪاري جو معاهدو ڪيو آهي ۽ قطر ۽ بحرين سميت ٻين نار جي م??ڪن آءِ ٽي، زراعت ۽ هوائي اڏن جي ٽرمينل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. انهن سمورن منصوبن جي لاڳت جو ڪاٿو ايندڙ ڏهاڪن ۾ تقريبن 44 بلين ڊالر آهي. هن چيو ته ٻين اهم برانڊز نيسلي، هواوي ۽ ٽيلي نار پاڪس??ان ۾ ڪامياب آهن، مسعود خان چيو ته آمريڪا مستقل طور تي پاڪس??ان ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪن مان هڪ رهيو آهي، آمريڪي ڪاروباري ادارن گذريل سالن ۾ پاڪس??ان ۾ 1.5 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ٻنهي م??ڪن کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته ايف ڊي آءِ جي هي سطح ڪافي ناهي ۽ ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته يو ايس پاڪس??ان گرين الائنس جا قدم پاڪس??ان جي ماحولياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي م??هن ڏيڻ جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انرجي مڪس ۾ صاف توانائي جي حصي کي 2030ع تائين موجوده 34 سيڪڙو کان 60 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي پنهنجي هدفن تي اڳڀرائي ۾ مدد ڪندو ۽ پاڪس??ان ان سلسلي ۾ قدم جاري رکندو.
معاشي ترقي لاءِ اداره جاتي سڌارا، ڪاروباري ماحول ۾ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون: پاڪستاني سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔