استنبول – 19 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسرائيلي فوج جي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ فلسطيني عوام سان يڪج??تي جو اظهار ڪندي ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان فلسطينين سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان اسرائيلي فورسز جي طرفان جاري قتل عام ۽ بي گناهه فسلطينين کي نشانو بڻائڻ جي واقعن جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ او آءِ سي سان گڏ بيٺل آهي. اسلامي تعاون تنظين جي ستين غير معمولي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان هن وقت تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺل آهيون، اسان کي پنهنجي اخلافن کي هڪ پاسي رکي فلسطيني عوام سان يڪج??تي جو اظهار ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب