اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي وا??ي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته س??نيٽ جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نالي کي ٻاهر ڪڍيو ??يو پر جنهن سياسي پارٽي سان گڏ الله تعاليٰ جي ذات، ان جو فضل ۽ ڪرم ۽ عوام جي طاقت هجي اها جنهن اليڪشن ۾ به حصو وٺندي ان ۾ محمد نواز شريف جي فتح ٿيندي، محمد نواز شريف جتي به وڃي ٿو عوام جو سمنڊ اٿلي پوي ٿو ڇو ته هن عوام جي خدمت ڪئي آهي، ٻه سال گذري وڃڻ جي باوجود محمد نواز شريف تي هڪ رپئي جي ڪرپشن جو ثبوت نه ملي سگهيو. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳاله??ئي رهي هئي. هن چيو ته سڀاڻي عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ اجلاس ڪيو جنهن ۾ پتو لڳر??ئي ته ڪيترا پي آءِ ٽي جا ميمبر موجود نه هئا، هن اڳ ۾ پارليامينٽ تي لعنت وڌي پوءِ پنهنجي ميم??رن کي ويڪائو مال چوي ٿو، عمران خان پنهنجي ئي ميم??رن تي وڪامجڻ جو الزام هڻي رهيو آهي، تحريڪ انصاف جي ميم??رن کي پنهنجي قائد جي الزامن جو جواب ڏيڻو پوندو.
چونڊن کان پري رکڻ باوجود (ن) ليگ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار