ڊيووس – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گڏيل خوشحالي جو مقصد رکندڙ ”هڪ خطو هڪ رستو“ منصوبو ڪيترن ئي ملڪن، خطن ۽ تهذيبن کي ڳنڍيندي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سي پيڪ منصوبي تحت پاڪس??ان ۾ مواصلات، بنيادي ڍانچي، توانائي جي وڏن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، منصوبي سان علائقائي واپار کي هٿي ملندي ۽ خطي جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار 48 هين عالمي اقتصادي فورم ۾ ”هڪ خطو، هڪ رستو جي اثرن“ جي موضوع تي پينل مباحثي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پينل ۾ ٻين مقررين ۾ ايشين انفراسٽرڪچ?? انويسٽمينٽ بئنڪ جو صدر جن لي چن، مئنيجنگ ڊا??ريڪٽر سائي چن گلوبل لي چن، رشين ڊا??ريڪٽ انويسٽمينٽ ف??ڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪيرل دمتري آف، چائنا نيشنل مشينري انڊسٽريل ڪارپوريشن جو چيئرمين رين هانگ بن، سنگاپور جو وزير چان چن سنگ ۽ اي اي سي او جو چيئرمين مائيڪل ايس برڪ شامل ??ئا.
هڪ خطو هڪ رستو منصوبو اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا