اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ??هي ته ايوان جو سڀ کان وڏو ڪم ??هي ته هو پنهنجو تقدس ۽ عزت بحال ڪري، مخالف ڌر، فوج، انٽيليجنس ادارا، عدليه، ڪاروباري ماڻهن سميت سمورا ادارا هڪ ٻيڙي جا سوار آهن، ٻيڙي ۾ سوراخ ٿيو ته سڀ ٻڏي ويندا. قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته قائد ايوان جي چونڊ جي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي سمورن ميمبرن جو ٿورائتو آهيان. اهو جمهوري ط??يقو ??هي جيڪو اڄ ا??تي??ر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پنهنجي پارٽي مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو ٿورائتو آهيان جنهن هن عهدي لاءِ مون کي موزون سمجهيو. آئون سمورن ووٽ ڏيندڙن جو پڻ ٿورائتو آهيان ۽ مخالف ڌر جو پڻ ٿورائتو آهيان پر سڀ کان اڳ محمد نواز شريف جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي هن عهدي جي لاءِ نامزد ڪيو، انهن سمورين مخالف پارٽين جو جن اسان جو ساٿ ڏنو اسان کي ووٽ ڏنو، انهن جو ٿورائتو آهيان. پي ٽي آءِ جي قيادت عمران خان ۽ پارلياماني قيادت جو ٿورائتو ??هي جيڪي روزانو گارين ۾ اسان کي شامل ڪن ٿا.
ايوان پنهنجو تقدس ۽ عزت بحال ڪري: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری