ابوظھبي-25 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النھيان جي نگراني ۾ ” زيد گرينڊ اٺن جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آھي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ابوظھبي جي الوثبه اٺن جي ريس ٽريڪ تي 25 نومبر کان شروع ٿيل ر??س پھرين ڊسمبر تائين جاري رھندي، ج??ھن ۾ گڏيل عرب امارات ۽ جي سي سي ملڪن مان ھزارين ڊوڙ وارا اٺ حصو وٺي رھيا آھن، تنظيمي ڪميٽي مقابلي لاءِ 36 ٽرافيون مختص ڪيون آھن، ج??ھن ۾ ايونٽ جي عرصي دوران 217 ڊوڙ جا مقابلا منعقد ٿيندا. اٺن جي ڊوڙ گڏيل عرب امارات جي مرحوم باني شيخ زيد بن سلطان النھيان جي نالي تي رکيل واحد ايونٽ آھي، ج??ھن پنج ڏھاڪا اڳ اٺن جي ڊوڙ شروع ڪرائي ھئي ۽ ج??ھن جي ميراث گڏيل عرب امارات جي قيادت جي مستقل حمايت سان جاري آھي. رپورٽ مطابق اھو مقابلو نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ صدارتي عدالت جي چيئرمين، شيخ من??ور بن زيد النھيان جي ڌيان جو مرڪز آھي، جيڪو ان راند لاءِ سندس وابستگي ۽ تازي سال ۾ ٿيل اڳڀرائي کي ظاھر ڪري ٿي. ان ايونٽ کي اٺن جي ريسنگ فيڊريشن منعقد ڪري رھي آھي، ج??ھن جي صدارت گڏيل عرب امارات جو صدر مشير شيخ سلطان بن حمدان النھيان ڪري رھيو آھي.
گڏيل عرب امارات ۾ زيد گرينڊ اٺن جي ڊوڙ شروع
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب