تهران _ 28 آگسٽ (اي پي پي ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان آمريڪا سان ??الهين جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. پرڏيهي اداري مطابق آيت الله خامنه اي صدر مسعود پيز شڪيان جي انتظام هيٺ ايراني حڪومت کي ٻڌايو ته دشمن سان ??الهيون ڪرڻ ۾ ڪا رڪاو?? ناهي، جڏهن ته هن پنهنجو اهو موقف به ورجايو ته آمريڪا اعتبار جوڳو ناهي. سرڪاري ٽيليويزن تي نشر بيان ۾ سيد علي خامنه اي چيو آهي ته اسان ??ي پنهنجون اميدون دشمن مان نه رکڻ گهرجن، پنهنجن منصوبن ??اءِ اسان ??ي دشمن جي منظوري جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ ??و ته ا??و تضاد ناهي ته دشمن سان ??جهه موقعن تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ان حوالي سان ??ا رڪاو?? ناهي. آيت الله خامنه اي (جنهن کي ??مورن رياستي معاملن ۾ حتمي اختيار حاصل آهي) صدر پيز شڪيان جي حڪومت کي خبردار ڪيو آهي ته دشمن تي ڀروسو نه ڪيو وڃي.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي پاران ايٽمي پروگرام بابت آمريڪا سان ڳالهين جي اجازت، دشمن تي ڀروسو نه ڪرڻ جو مشورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب