دوحه -01 نومبر (اي پي پي) اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ قطر خبردار ڪ??و آهي، ته اسرائيل جا غزه ۾ وڏي پئماني تي حملا ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. پرڏيهي اخبار مطابق قطر غزه جي سڀ کان وڏي پن??هگير ڪيمپ تي اسرائيل جي بمباري جي مذمت ڪندي خبردار ڪ??و آهي، ته غزه پٽي تي جاري وڏي پئماني تي فوجي حملا ٽياڪڙي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندا. دوحه جي پرڏي??ي وزارت جباليه ڪيمپ تي حملي کي معصوم فلسطيني عوام خلاف هڪ نئون قتل عام قرار ڏنو. قطر جي پرڏي??ي وزارت مطابق قطر غزه پٽي ۾ شهري هدفن تي اسرائيل جي حملن ۾ واڌ خلاف به خبردار ڪ??و آهي.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس