غزه – 30 آڪ??وبر (اي پي پي) فلسطينين جي تنظيم حماس چيو آهي، ته غزه ۾ اسرائيلي فوج سان شديد ويڙهه جاري آهي. ٻئي پاسي اسرائيل پڻ پنهنجي زميني ڪارروائين کي وڌايو آهي. فرانس جي خابرو اداري مطابق حماس جي عسڪري ونگ عزالدين القسام برگيڊ چيو آ??ي ته سندس ويڙهاڪ اتر اولهه غزه ۾ قابض اسرائيل ج?? فوج سان شديد ويڙهه وڙهي رهيا آهن. حماس جي اعليٰ عهديدار موسيٰ ابومرزوق پاران جاري بيان ۾ مصر کان مطالبو ڪيو ويو ته هو غزه ۾ امداد جي فراهمي کي تيز ڪرڻ لاءِ فيصلائتا قدم کڻي. اسان مصر طرفان فيصلائتي موقف جي اميد ڪيون ٿا ته امداد جلد کان جلد غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي. گڏيل قومن جو چوڻ آ??ي ته 24 لک شهرين مان اڌ کان وڌيڪ آب??دي بي گهر ٿي چڪي آهي ۽ هزارين عمارتون تباهه ٿي ويون آهن. واضح ر??ي ته 7 آڪ??وبر کان حماس جي اسرائيل تي حملي ۾ هڪ هزار 400 اسرائيلي شهري مارجي ويا آهن جڏهن ته 239 کي اغوا ڪيو ويو آهي. اسرائيل ج??ابي ڪارروائي ڪندي زميني ۽ فضائي حملا ڪري رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 8 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڌ کان وڌيڪ آب??دي معصوم ٻارن ۽ عورتن تي ٻڌل آهي.
ويڙهاڪ اتر اولهه غزه ۾ قابض اسرائيلي فوج سان ڇتي ويڙهه ڪري رهيا آهن: حماس جي دعويٰ
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش