جده- 06 اپريل (اي پي پي) والاريل بيت المقدس ۾ مسجد الاق??يٰ تي اسرائيلي پوليس جي حملي کانپوءِ صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ مسجد الاق??يٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي مذمت ڪئي وئي. سعودي خابرو اداري مطابق اردن، مصر ۽ فلسطيني عملدارن سان گڏجي تنظيم جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي. اردن جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته عرب ليگ طرفان اسرائيلي خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ اها عالمي انساني قانوني جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته اهڙي طرح جي ڪا??روائين جو مقصد والاريل بيت المقدس جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ آهي. ٻئي پاسي برطانوي خابرو اداري مطابق عرب ليگ والاريل بيت المقدس ۾ مسجد الق??يٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پر تشدد ڪا??روائين سان علائقائي استحڪام کي خطرو آهي. عرب ليگ جاري بيان ۾ مسجد الاق??يٰ ۾ بيگناهه نمازين ??لا??ف اسرائيلي فوج جي ڪا??روائين کي ڏوهه قرار ڏنو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته صبح سوير مسجد تي حملي سان تشدد جي لهر اٿڻ جو خطرو آهي جنهن سان خطي ۽ دنيا ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي خطرو آهي. ان کان اڳ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل حمد ابولغيث بيان ۾ مسجد الاق??يٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي حڪومت جي پاليسي کي ڪنٽرول ڪندڙ انتهاپسنداڻي نقطه نظر کي نه روڪيو ويو ته اهو فلسطينين سان وڏي پيماني تي تڪرار جو سبب بڻجندو. هوڏانهن نار سهڪار ڪا??ونسل پڻ اسرائيلي فورسز جي مسلمانن جي قبله اول تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. ترڪيه مسجد الاق??يٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملي ۽ ان جي اندر ٿيل چڪرين جي مذمت ڪندي ان کي ”نا قابل قبول“ قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي مسجد جي تقدس جي پامالي آهي. ترڪيه پرڏيهي وزير مولود چاوش اوغلو برسلز ۾ نيٽو جي اجلاس جي موقعي تي چيو ته اسان انهن حملن جي مذمت ڪيون ٿا.
عرب ليگ جو هنگامي اجلاس، مسجد الاقصيٰ تي اسرائيلي فورسز جي حملن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : apostas quina